گهوٽڪي ضلعي ۾ مڪاني چونڊون دلچسپ مرحلي ۾ داخل

خانپورمهر (ن ع آ) گهوٽڪي ضلعي ۾ مڪاني چونڊون دلچسپ مرحلي ۾ داخل، پ پ  ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر جا طوفاني دورا, پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر  يوسي علي مهر ،ٻيرڙي ۽ لٻاڻا جي مختلف علائقن  حاجي قادر بخش پتافي. خاوند بخش مهر. ٻڍو جھتيال علي مهر. ٽنڊو انڍڙ. غلام محمد ڪلادي. ڀانڃڙو، ٻيرڙي. ماٿيلو مومل جي ماڙي. سانگهڙي، ڳوٺ عبدالرحمان اوڳاهي، ڪوڙو ميراڻي . يوسي لٻاڻو جي ميوو لغاري ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مخالفن جي ڊيڄارڻ ۽ خوف واري سياست ختم ٿي وئي ۽ اسان اهڙي ڌمڪائڻ واري سياست نه ڪئي آهي ۽ نه ڪرڻ ڏينداسين. هن چيو ماڻهو چون ٿا ته سردار محمد بخش خان مهر سرڪار جي مدد وٺي ٿو اسان سرڪار جي مدد نه پر الله ۽ عوام جي مدد سان کٽينداسين. ان موقعي حاجي زبردست خان مهر. ڪامريڊ قربان مھر. ايڊووڪيٽ منظور احمد مهر. بگن خان ڪلادي. سيد مظفر شاهه سيد غضنفر بخاري، اختر اوڳاهي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.