گهوڙا ٻاري ۾پاڻي جو بدترين بحران، پير پٺو وٽ آبادگار ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

گھوڙا ٻاري ( رپورٽ:امير شاھ ڀاڏائي)گھوڙا ٻاڙي جي گليل مائنر ۽ انعام مائنر ۾گذريل 8 مھينن کان پاڻي جي مسلسل اڻاٺ برقرار آهي. مقامي رهواسين ۽ آبادگارن پير پٺو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي  گهوڙا ٻاري  روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڪلاڪن  تائين ٺٽو کان پير پٺو ۽ گھوڙا ٻاڙي توڙِ ور ويندڙ ٽرانسپورٽ معطل ٿي وئي، آچر جو ڏينهن ھئڻ ڪري درگاهه پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار تي ايندڙ ھزارين زائرين کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو.ان موقعي تي آبادگار محمد صديق خشڪ، ڪامريڊ اشرف خشڪ، شمس الدين آمڙو، علي رضا وڻجارو، ظھور خشڪ، ڪامريڊ گل محمد وڊڙيو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته گليل مائنر ۽ انعام مائنر ۾ مسلسل 8 مھينن کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي، جنهن ڪري  فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آھن، مال اڃ وگهي تڙپي تڙپي مري رهيو آهي.هنن چيو ته آبادگار خوشحال ٿيڻ بجاءِ ڪنگال ٿي ويا آھن پر ھيڏي ويڌن باوجود آبپاشي عملدارن جي ڪنن تي جون به ناھي سري.هوڏانهن اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام نبي شيخ آبادگارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي تنھن کان پوءِ آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.