مزاحمتي شاعري کي نعريبازي چوڻ منافقت آهي: ساڃاهه وند

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ جي ساڃاهه وندن مزاحمتي شاعريءَ کي قومي شاعري قرار ڏيندي چيو ته نعريبازي ڪٿي به نه هوندي آهي سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعري کي نعريبازي چوڻ منافقت آهي، جڏهن ته اها قومي شاعري آهي، جنهن سان ماڻهن جي ستل ضمير کي جاڳايو ويندو آهي. هنن اهڙو اظهار ملير پريس ڪلب ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ پاران سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن، شاهه لطيف چيئر ۽ ملير پريس ڪلب جي سهڪار سان سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز جاني جي ڇهين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ جي نامياري شاعرا آپا مريم مجيدي چيو ته اياز جاني ٿورڙي عرصي ۾ معياري شاعري ڪري سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو. هن چيو ته اياز جاني زندگي تمام ٿوري ماڻي پر شاعري ۾ هو سدائين امر رهندو. هن چيو ته ماڻهو دنيا مان هليا ويندا آهن پر انهن جون محنتون رهجي وينديون آهن اياز جاني کي اڄوڪي ڀيٽا سندس محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن سنڌ ۾ سچا نقاد پيدا ٿيندا تڏهن اياز جاني کي مڃتا ملندي. تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي خطاب ڪندي چيو ته اياز جاني جي شاعري کي پڙهجي ٿو ته ان ۾ اسان کي سنڌ ساهه کڻندي نظر اچي ٿي، سندس هڪ هڪ سِٽ سنڌي سماج عڪاسي ڪري ٿي. اياز جاني وائي ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، سندس وائين کي پڙهجي ٿو ته انهن ۾ فني ۽ فڪري حوالي سان جدت نظر اچي ٿي. شاعرا عطيا دائود چيو ته اياز جاني اسان جي ٽهي جو معياري شاعر هيو. شيخ اياز جن شاعرن جي شاعري تي گڏيل مضمون لکيو ان ۾ اياز جاني به هيو ۽ هن اياز جاني جي شاعري تي تمام بهترين نموني لکيو. قومپرست اڳواڻ، شاعر ۽ مضمون نگار نواز خان زنئور چيو ته اياز جاني هڪ سجاڳ ليکڪ هيو سندس شاعري سجاڳي جو درس ڏي ٿي، رکيل مورائي چيو ته اياز جاني نه رڳو سٺو شاعر هيو پر هو هڪ بهترين ايڊيٽر به هيو، سندس ادارت ۾ ڪيترائي معياري رسالا نڪتا. شاعر چندر ڪيسواڻي چيو ته اياز جاني سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام لهڻي اهو کيس ملي نه سگهيو. تقريب کي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اياز جاني علمي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي ميدان ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، تقريب کي محمد علي پٺاڻ، ڪيلاش، امر اقبال، ڊاڪٽر شير مهراڻي، امر پيرزادو، غوث پيرزادو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ مشاعري جي نشست ۾ بخشڻ مهراڻوي، احمد سولنگي، مريم مجيدي، آس ٻٻر، جاويد سوز هالائي، امتياز دانش، خالد راڄپر، جي ايم لاڙڪ ۽ ٻين پنهنجي شاعري پيش ڪري اياز جاني کي ڀيٽا پيش ڪئي، آخر ۾ نامياري راڳي رحمت ميرالي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.