جهول ۾ غداري جا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

جهول (ن ع آ)جهول پريس ڪلب آڏو  جسقم جي سوين ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو شھيدادپور جي جسقم اڳواڻ وزير ڪلھوڙو کي  شھدادپور گهر مان گرفتار ڪري مانجھند ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري ظاهر ڪرڻ خلاف جسقم جي ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو؛ مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ آزاد ڪنڀر؛ محمد علي کوسو؛ رضا ٽالپر؛ سلطان مري؛ ۽ ٻين چيو ته  سنڌ حڪومت جسقم جي ڪارڪنن مٿان بيگناه   ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌي قوم کان انتقامي ڪارروائي ڪري کين جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.  سندس ناپاڪ ارادا ڪڏھن به ڪامياب ڪونه ٿيندا شھدادپور مان  رات جي اونداهيءَ ڏوهارين وانگر کڀي گم ڪندڙ جسقم اڳواڻ مٿان تازوئي مانجھند ٿاڻي تي  ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي اهڙي عمل جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا جڏهن ته غير قانوني جسقم جي ڪارڪنن جي چرپر تي پابندي لڳائي سنڌ حڪومت ۽ رياستي ادارا ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهين هنن چيو ته جسقم ڪارڪن سان ڏاڍ ۽ جبر بند ڪيو وڃي  هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جسقم ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي  ٻئي صورت ۾ پوري ۾ جسقم جي پليٽ فارم تان سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.