سوڀو ديرو لڳ گهر کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک

سوڀو ديرو (ن ع آ) سوڀوديرو لڳ  مڏ لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻي صديق ميمڻ جي گهر جي چوڌاري پناھ لاء ڏنل لوڙھي کي اوچتو باھ  لڳي وئي باھ گهر  جي اسٽور روم ۽ مال جي واڙي طرف وڌي وئي جنھن سبب کٽون ھنڌ ۽ ڪلر جون ڀريل ٻوريون سڙي رک ٿي ويون ڳوٺاڻن اھڙو اطلاع سوڀوديرو ٽائون جي فائربرگيڊ جي ڊرائيور نظير چني کي ڏنو ته ان متاثرن کي چيو ته ٽائون آفيسر سوڀوديرو تيل بند ڪري ڇڏيو آھي.  اوھان سوڀوديرو اچي تيل ڀرائي ڏيندا ته پوء مان اوھان سان گڏ باھ وسائڻ لاء ھلندس جڏھن ته متاثر  سوڀوديرو کان ھڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي  تان متاثر سوڀوديرو پھچي فائربرگيڊ ۾ 2000  جو تيل ڀرائي وٺي ويو تيستائين ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان جو تقريبن ٻه لک جو نقصان ٿيو آھي ۽ جاني نقصان کان بچاء ٿي ويو جنھن بعد فائر برگيڊ واقعي واري ھنڌ پھتي  ڳوٺاڻن ٽائون آفيسر ساجد رڏ ۽ ايڊ منسٽريٽر شفقت عباسي ۽ فائر برگيڊ ڊرائيور جي اھڙي عمل خلاف ڪاروا ئي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.