جوهي جي يوسي شاهه حسڻ جي اميدوار جي اغوا وارو معاملو، پٽ جي تريد

دادو (ن ع آ)   دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ واقع يونين ڪائونسل شاهه حسڻ ۾ بلدياتي اليڪشن 2022 ۾ وائيس چيئرمين جي اميدوار رسول بخش شاهاڻي مبينا اغوا وارو مامرو، مبينا اغوا ٿيل رسول بخش شاهاڻي جي پٽ مادان شاهاڻي دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجو والد رسول بخش شاهاڻي اغوا نه ٿيو آهي هو ذاتي ڪمن سبب ڄامشورو ويل هو، شاهه حسڻ يوسي تي چيئرمين جي عهدي تي اميدوار طور بيٺل مسمات عظيمان شاهاڻي غلط بيان بازي ڪئي آهي ۽ ان جي بيانن کي غلط  رنگ پيو وڃي، يوسي شاهه حسڻ جي وائيس چيئرمين جي اميدوار رسول بخش شاهاڻي کي برادري جي سردارن پاران گم ڪرائڻ واريون خبرون غلط ۽ بي بنياد آهن ۽ سياسي سماجي طور تي سردارن خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته يوسي شاهه حسڻ تي چيئرمين جي عهدي تي فارم ڀريندڙ مسمات عظيمان شاهاڻي جي نامزدگي فارم ۾ مان نالي مادان پٽ رسول بخش شاهاڻي تائيد ڪندڙ آهيان فارم جي جاچ پڙتال دوران منهنجو والد رسول بخش شاهاڻي مصروفيت سبب اچي نه سگهيو ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جان فارم قانون مطابق رد ڪيا ويا آهن باقي منهنجو والد رسول بخش شاهاڻي بلڪل خير خيريت سان آهي ۽ ڄامشورو ۾ پنهنجي ڪاروبار ۾ مصروف آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.