ڌاري آبادڪاري، پاڻي کوٽ ۽ زمينن تي قبضي خلاف ڪراچي ۾ جسم جو احتجاج

ڪورنگي (رپورٽ: اميرجان چانڊيو) سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري، پنجاب طرفان سنڌو درياءَ تي قبضي پاڻي جي کوٽ ۽ بحريه ٽائون ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ گارميٽنسٽ ڪمپني سورتي 7 جي  پورهيتن سان ٿيندڙ ناانصافن خلاف ضياءَ ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ محاذ جي ڊويزن صدر شوڪت سومرو جيئي سنڌ قومي پارتي  جي اڳواڻ شاھد سومرو سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ زاھد کوسو، راڻو کوسو ياسر سنڌي ۽ ابو بڪر صدام نوناري انور نوناري مير نوناري ۽ شھاب ميراڻي عادل جوڻيجو مظھر سومرو مظھر جکرو جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي.  ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سنڌ جي حقن تي مسلسل ڌاڙو هنيو  آهي پنجاب پنهنجي قبضي گيري واري روش برقرار رکي سنڌو درياء تي قبضو ڪري 91جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن لا ملڪ جو قانون خاموش آهي پنجاب طرفان پاڻي چورائڻ سبب سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت لا پاڻي اڻلڀ آهي جنهن سبب انساني زندگيون متاثر ٿيون آهن ۽ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي ، وري ٻئي طرف ڌارين کي سنڌ ۾  آباد ڪري اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌاريا سنڌ جي معشيت تي بار آهن ۽ سنڌ ۾ امن امان جا مسئلا ختم ناهن ٿي سگهيا  جن کي فوري نيڪالي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻيا ميگا رهائشي منصوبه غيرقانونی آهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري بحريه ٽائون کي ڊاهي زمينن تان قبضو ختم ڪري زمينون مقامي ماڻهن جي حوالي ڪيون وڃين پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينن تي قبضي ۾ ملوث آهي جن ڌارين کي زمينون کپائي ڏنيون آهن جن جي مذمت ڪيون ٿا پيپلز پارٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي اسان سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته پنهنجي فيصلي تي عمل ڪري بحريه ٽائون کي ڊاهيو وڃي ۽ سنڌو درياء تان پنجاب جو قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.