چڪ شهباز پور ۽ ڀرپاسي سماجي برايون چوٽ چڙهي ويون

چڪ شھباز پور (ن ع آ) چڪ شھباز پور سميت گھوٽڪي ضلعي جي ننڍن توڙي جو وڏن شھرن ۾ ڪروڙ پتي بڻجڻ جا خواب ڏيکاري روزانه جي بنياد تي ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا آڪڙا پرچي ڪٽيندڙ ڊيلرن سوين ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن.  ان سلسلي ۾ چڪ شھباز پور مان مليل معلومات موجب گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ پوليس جي سرپرستي ھيٺ آڪڙا پرچي جوا شراب سبب مختلف علائقن جا سوين ماڻھون زمينون گھر جا اجھا وڪرو ڪرڻ سبب فاقا ڪشي تي مجبور ٿيڻ بعد ۽ اکين مان ڳوڙھا ڳاڙڻ بعد آباڻا ڪک ڇڏي مزدوري ڪرڻ لاء مختلف شهرن ڏانھن روانا ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين گھوٽڪي ضلعي جي پوليس آڪڙا پرچي جي مک ڊيلرن خلاف ڪنھن به قسم جي ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.