جيڪب آباد ويجهو ڀيڻويي گوليون هڻي سالي کي قتل ڪري ڇڏيو، سهرو زخمي

جيڪب آباد (رپورٽ:سڪندر سرڪي ) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ دادپور جاگير ۾ جوابدار مينهون پٽ گل شير جکراڻي گهرو تڪرار تان پنهنجي 15 ورهين جي سالي فاروق جکراڻي کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ۽ سهري مبارڪ جکراڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار مينهون جکراڻي گهرو تڪرار تان پنهنجي سالي کي قتل ۽ سهري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.