پير ڳوٺ لڳ عورت جو گولي لڳل لاش هٿ، مڙس تي قتل جو الزام

پيرجوڳوٺ( رپورٽ: علي گل جوڻيجو ) پيرڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٽڙي ۾ نوجوان عورت جميلاڻي زال ذوالفقار جاگيراڻي گهر اندر گولي لڳڻ سبب مارجي وئي آهي جڏهن  ته کيس سول اسپتال  خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مارجي ويل عورت جميلا جي پيرسن ماء شهر بانو جو چوڻ آهي ته سندس ڌيء کي مڙس  بيگناھ  قتل ڪيو ويو آهي اسان سان وڏو ناحق ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت جميلا جاگيراڻي تي مڙس جي تشدد ڪندو. هن مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو  آهي. ٻئي طرف وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جانچ ڪري رهيا آهيون حقيقتون سامهون اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.