ميھڙ (س ر ) ميهڙ گذريل ڏينهن پاڻي جي کوٽ خلاف ڪولاچي موري وٽ آبادگارن ۽ هارين پاران ڪيل مظاهرين خلاف خيرپور ناٿن شاه تي سرڪار پاران اي ايس آء بشير احمد جي فرياد تي آبادگار ۽ هارين سرور ۔ راشد ۔ اشرف ۔ عبدالله ۔ دستگير ۔ طالب ۔ مرتضي ۔ اعظم ۔ حاڪم سميت 29 سڃاتل ۽ 171 اڻ سڃاتلن سميت 200 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ ڊيوٽي اٽڪاء ۽ پوليس تي حملي جا قلم شامل ڪيا ويا آھن پوليس ڪيس ۾ ڏيکاريو آھي ته جوابدارن پسٽل ۽ ڏنڊا کڻي ويٺل هئا روڊ کولڻ جي ڳالهين دوران جوابدارن پوليس تي حملو ڪري ڊي ايس پي ڪي اين شاه جي موبائل جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ پوليس اھلڪارن کي يرغمال بڻايو ھيو.