ماٿيلي ۾مهانگائي خلاف موٽرسائيڪلون هٿ ۾ڪاهي احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ۾ پئٽروليم ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ، مھانگائي ۽ لاقانونيت خلاف سنڌ سجاڳ نوجوان تحريڪ جي سڏ تي شھرين وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھٿن  سان موٽرسائيڪلون ڪاھي گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي ھڪ ڪلاڪ تائين ڀٽائي چوڪ آڏو ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي نصرالله گڏاڻي، عبدالمجيد جلباڻي، سڪندر سميجو، قادري چنڙ ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن جي نااھلي، بيحسي ۽ ڪرپشن سبب پئٽروليم جي مصنوعات جا اگهھ انتھائي وڌي ويا آھن، جنھن سبب کاڌي پيتي سميت ھر شئي جا اگهھ آسمان تي پھچي ويا آھن، هنن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن سان گڏ مافيا پاران ھٿرادو قيمتون وڌائي عام ۽ غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آھي. ھنن چيو ته وڌايل اگھن سبب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن ۽ بک،بدحالي، بي روزگاري ۽ مھانگائي سبب غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.ھنن وقت جي حڪمرانن، نمائندن، عدليا ۽ فوج جي آفيسرن سميت سڀني کان مفت جون ڏنل تيل گيس، بجلي ۽ ٻيون سھولتون ختم ڪري تيل جا اگهھ گھٽائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.