ٽنڊي غلام حيدر ۾ نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر مويا ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصري ڪولهي ۾ 32 ورهين جي پورهيت نوجوان ڀورو پٽ نانگجي مبيناطور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو،اطلاع بعد حد جي مويا پوليس واقعي واري هنڌ پهتي لاش مويا شهر جي سرڪاري صحت مرڪز منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو،هوڏانهن پورهيت ڀورو ڪولهي جو لاش گهر پهچڻ بعد روڄ راڙو مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.