کپري مان 4 ڏينهن پراڻو لاش هٿ

کپرو (ن ع آ) کپري ويجهو ڳوٺ دودو مري ۾ گهٽا ڏنل  چار ڏينهن جو پراڻو  لاش جهنتر جي فصل مان هٿ آيو آھي اطلاع تي کپرو پوليس پهچي مڙھ کي تحويل ۾ وٺي کپرو تعلقه اسپتال آندو جتي مقتول جي سڃاڻپ 16 ورهين جو علي حسن سولنگي طور ٿي آھي نوجوان جي ماسات دلبر سولنگي پاڻمرادو کپرو پوليس اڳيان گرفتاري پيش ڪري ڇڏي علي حسن کي ڪارنهن الزامن هيٺ ماريو ويو آھي دلبر سولنگي پاران قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو کپرو پوليس موجب نوجوان جو جهنتر جي فصل مان لاش ھٿ آيو آھي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون جڏھن ته مقتول علي حسن سولنگي جي تعلقه اسپتال ۾ ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مقتول جو مڙھ گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.