اوٻاوڙو پوليس بدامني جي ذميوار قرار،مهتاب ڏهر طرفان احتجاج جو اعلان

اوٻاوڙو (ڊ ر) اوٻاوڙو شهر ۾ روزانه واري آڪڙا پرچي هاڻي شهر جي هر محلي کان علاوه پوليس سرپرستي ۾ سر عام هوٽلن تي به ڪٽجڻ لڳي، جوا جي ڪري شهر ۾ ڏوهه وڌي ويا، روز مو ٽر سائيڪل، سولر پليٽن ۽ بيٽرين جون چوريون ٿيڻ لڳيون.گذريل ڏينهن سينيٽر ڄام مهتاب  ڏهر اوٻاوڙو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر ۾آڪڙا پرچي جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري پر امن شهر ۾ بد امني سان گڏ بدمعاشي به وڌي وئي آهي، هاڻي شهر واسين فيصلو ڪيو آهي ته شهر ۾ آڪڙا پرچي سميت هر برائي جي خاتمي تائين پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويندو اوٻاوڙو پوليس ڏوهارين جي سرپرست بڻيل آهي ۽ قبيلائي تڪرارن کي هٿي وٺرائي پئي شهر کي بدمعاشن حوالي نه ٿو ڇڏي سگهجي، اسان کي نوجوانن جي مستقبل جي بهتري لاءِ سوچڻو آهي، ڇو ته نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.