بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ، عوام کي هڪڙو ٻيو جهٽڪو

هن وقت سموري ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران جاري آهي،پيٽرول جي اگهن ۾ ٿيل اضافي سان عوام مهانگائي جي طوفان ۾ ڦاٿل آهي،عام استعمال جي هر شيءِ جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي،گئس،بجلي ۽ پيٽرول اهڙا اسم آهن جنهن سان هر فرد جو واسطو پئي ٿو ۽ سرڪار پڻ اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته ماڻهن کان انهن ئي اسمن جي مد ۾ اضافي اوڳاڙي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق ڦري وٺبو . جنهن تي عمل جاري ساري آهي،بدقسمتيءَ سان ملڪ جي اقتدار جي واڳ وٺندڙن کي عوام جي ڏکن سورن جو ڪو احساس نه آهي، چوڻ جي لاءِ ته موجوده وزيراعظم پاڻ کي ملڪ جو خادم سڏرائي ٿو پر سندس ڪيل فيصلن سان جيڪو ڪجهه عوام جي حياتيءَ تي اثر پئجي رهيو آهي ان سان عام ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبو ر ٿي ويو آهي ته هيءَ حڪومت به عام ماڻهون کي سوڙهو ڪري ان کان جيئڻ جو هر سبب ڇنڻ جو عهد ڪري ڇڏيو آهي.

تازو عالمي مالياتي اداري وٽ گوڏا ٽيڪيندڙ سرڪار مهيني اڌ ۾ پيٽرول جي مد ۾ 85 رپيا وڌايا آهن.بجلي جي مد ۾ ٿوري ٿوري رقم جي ٿيندڙ واڌ جو سلسلو جاري آهي جنهن جي رڪجڻ جو ڪو امڪان نه آهي ساڳي صورتحال وري گئس جي حوالي سان به  آهي، انهن ٽنهي شين جي قيمتن وڌڻ سان هن ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن جي حياتي تي سڌو اثر پئجي رهيو آهي پر سرڪار عام ماڻهون جي مسئلن تي غور ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ها هن وزيراعظم صاحب عوام تي هڪڙي وڏي مهرباني ڪئي آهي جنهن موجب هن وڏو انقلابي قدم کڻي عوام کي مهانگائي جي هن سونامي مان بچائڻ جي لاءِ غربت جي تعريف تي پورو لهندڙ فردن جي مالي امداد ڪرڻ جي لاءِ کين ٻه هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان سندس خيال موجب ماڻهون پنهجي اٽي لٽي ۽ اجهي جو ڪو مناسب بندوبست ڪري سگهندا، اهو عمل ذري گهٽ عوام کي پنڻ تي هيرائڻ سان گڏ عام ماڻهون جي توهين آهي ملڪ جو آئين هر فرد کي سندس تقدس جي ضمانت ڏئي ٿو پر ملڪ جي اعليٰ عهدي تي فائز ملڪي سربراهه جي  اهڙي اعلان سان عام شهري جو تقدس پائمال ٿئي ٿو. جيڪو عمل قانون جي نظر ۾ ڏوهه برابر آهي.

تازو هڪ ٻئي فني طريقي سان بجليءَ جي يونٽ تي قيمت وڌائي عوام کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏنو ويو آهي جنهن موجب بجلي جي اگهه ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي، سينٽرل  پاور پرچيزنگ ڪمپني پاران مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن تي  نيپرا 27 جون تي ٻڌڻي ڪندي. پر خوف ۾ ورتل ماڻهن جو اهڙي اعلان تي ئي ساهه سڪي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو عالمي اداري جي حڪم تي اهو اضافو به ڪيو ويندو جنهن سان وري مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال بڻبو.

سرڪار بجلي جي اگهن وڌائڻ جو  سلسلو ته جاري رکيو آهي پر ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، شارٽ فال 6 هزار ميگاوٽ کان هيٺ نه آيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 4 کان 12 ڪلاڪن جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، حيدرآباد ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين ۽ امتحان ڏيندڙ شاگردن کي مشڪلات پيش آئي، پنجاب جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ڪوئيٽا ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رهڻ سان شهرين جي زندگي زهر بڻجي وئي آهي.

سموري ملڪ ۾ بجلي اهم شعبو آهي جنهن بنا هن وقت زندگي هر حوالي سان مشڪل ٿي وئي آهي، بجلي سان ڪيتريون ئي صنعتون پڻ لاڳايل آهن، ملڪ جي سمورن شعبن جو ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ پاور ضرور آهي، جنهن جو فوري حل بجلي ئي آهي، هن وقت حڪومت عوام کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اڳوڻي  سرڪار جي ڪوتاهين يا ڪمزورين جي ڪري ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پيدا ٿي آهي يا وري بجلي جي پلانٽن جي جوڳي سار سنڀال نه لهڻ ڪري ملڪ ۾ هن وقت بجليءَ جي کوٽ ٿي آهي اهو سڀ ڪجهه درست هجي ته به هنن حالتن ۾ ماڻهو اهو نٿا ٻڌڻ چاهين جيڪو ڪجهه درست يا غلط آهي اهو بهرحال حڪومت جو ئي ڪم آهي جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي اهڙي وضاحت ڏيڻ جي بجاءِ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ئي پنهنجي ڪارڪردگيءَ توڙي ساک کي بچائي سگهجي ٿو. عوام ته بجلي جا بل به ڀري ٿو جنهن جي اگهن ۾ به وقت بوقت سرڪار عالمي ادارن  جي حڪمن تي في يونٽ ۾ وڌارو به ڪندي رهي ٿي . .

سرڪار  غريب عوام جو اونو رکي ٿي ته پوءِ اهو به ڪري سگهجي ٿو ته عام ماڻهونءَ کي سستي اسڪيم هيٺ سولر وارو سسٽم متعارف ڪري ان بابت ترغيب ڏيڻ سان بجلي جو ڪنهن حد تائين لوڊ گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر ان طرف ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.بجليءَ جي يقينن کوٽ هوندي پر ان کوٽ جي پورائيءَ جي لاءِ به جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن سرڪار پنهنجي عملي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته ان جو خراب نتيجو نڪرڻو آهي.

وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جنهن سان ڪنهن کي اهڙي شڪايت نه ٿئي، ڇاڪاڻ جو هن جديد دور ۾ بجلي نه هئڻ جو مطلب ٿيندو آهي، سمورو ڪار وهنوار ٺپ ٿي وڃڻ .جنهن جو ماڻهن جي رواجي ڪم توڙي عام حياتي تي وڏو اثر پوي ٿو .بجليءَ جي کوٽ سان  عوام جو لکين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ته رواجي زندگي گهڻي متاثر ٿئي ٿي.سو جڏهن سرڪار بجلي  جي قيمتن ۾ ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري ٿي ۽ عوام کي ڪا رعايت نٿي ڏئي ته پوءِ بجلي جي فراهمي کي  به يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهون هن قيامت جهڙي گرمي کان بچي سگهجن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.