عالمي معاشي بحران ڪهڙو رخ اختيار ڪندو ؟

تحرير: پرڏيهي واءُ سواءُ

مهانگائي چاليهن سالن ۾ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي  آهي. اسٽاڪ جون قيمتون ٻڏي رهيون آهن.

آمريڪي   فيڊرل ريزرو وياج  جي شرح وڌائي ڇڏي آهي، هاڻي  قرض حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. رڳو آمريڪا ۾ ئي نه پر سڄي دنيا جون اقتصادي مارڪيٽون لوڏن ۾ اچي ويون آهن، آمريڪي معيشت هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ سسڻ شروع  ٿي وئي آهي.

آمريڪي معاشي مارڪيٽ اڃان  ٻه سال اڳ آخري عالمي معاشي بحران مان مشڪل سان ٻاهر  نڪتي هئي.

ڇا آمريڪا ٻيهر  بازاري ٻاڙائي ڏانهن وڃي رهيو آهي؟

آمريڪي فيڊرل ريزرو (فيڊ) اربع، 15 جون تي وياج جي شرح ٽي ڀاڱي چار  تائين وڌائي آهي ته جيئن ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. اهو ٽن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو آهي ۽ ڪجهه  ڏينهن ۾ ان ۾ اڃان وڌيڪ واڌ  جو امڪان آهي.

في الحال، اڪثر معاشيات جا ماهر وڌيڪ ٻاڙائي  جي لاڙي  نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪن پيا. ماهرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۾ واڌ جي باوجود صارف سٺي رفتار سان پئسو خرچ ڪري رهيا آهن ۽ معيشت کي هلائڻ لاءِ ان ڳالهه جي ئي ضرورت آهي. ڪاروباري ڌريون هڪ مثبت رجحان جي عڪاسي ڪندي سامان سرڙي ۽ سافٽ ويئر  جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.

نوڪريءَ جي مارڪيٽ وڌي ويجهي رهي آهي ۽ برطرفي جي شرح گهٽ آهي.آمريڪي اقتصادي تحقيقاتي اداري جي چيف اڪانامسٽ  روبيلا فاروقي هن هفتي لکيو آهي تي هن وقت ڪا به اهڙي شي ءَ  نه آهي جيڪا فوري مارڪيٽ جي ٻاڙائيءَ جو اشارو ڪري رهي هجي، نوڪريون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ خاندان پئسو خرچ ڪري رهيا آهن“.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته،معيشت مشڪلات کي ضروري منهن ڏئي رهي آهي.اهڙا اشارا ملي رهيا آهن جنهن موجب ناڻي جي واڌ ٿي سگهي ٿي.هن جو اهو به چوڻ هو ته مهانگائي فيڊرل ريزرو بينڪ جي اندازي کان به گهڻي وڌيڪ ٿي رهي آهي.۽ اها لڳاتار آهي.  ٻئي طرف يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي عالمي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڪورونا جي وبا چين ۾ سخت لاڪ ڊائون ۽ سپلائي چين کي متاثر ڪيو آهي. فيڊرل ريزرو جي چيئرمين چيو آهي ته هو مهانگائي جي جن تي ضابطي جي ڪوشش ڪندا چاهي هنن کي  وياج جي   شرح ڪيتري به وڌائڻي پئي.ٻئي طرف، اقتصاديات جي ماهرن  خدشو ڏيکاريو آهي ته فيڊرل ريزرو جي وياج جي شرح  وڌائڻ جي پاليسي معيشت کي وڌيڪ  ڪمزور ڪري سگهي ٿي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي معيشت، جيڪا ڪيترن ئي سالن کان گهٽ قرضن جي سهاري  ترقي ڪري رهي آهي، شايد وڌيڪ وياج  جي شرح جو مقابلو نه ڪري سگهي.

وياج جي وڌيڪ شرح  معيشت کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي؟

وياج جي وڌيڪ  شرح سان انهن شعبن  ۾ پئسا گهٽ خرچ ٿين ٿا. جتي ان جي  ضرورت هوندي آهي. اهڙو ئي هڪ مثال هائوسنگ سيڪٽر آهي. صارف بينڪن کان قرض وٺڻ کان پاسو ڪندا آهن  اپريل جي مهيني ۾  گروين جر شرح ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. گذريل ٽيهن سالن ۾ ايترو اضافو نه ٿيو هو. نتيجي طور گهرن جو  وڪرو گهٽجي ويو.ساڳيو رجحان ڪارن، فرنيچر يا ٻين مارڪيٽن ۾ ٿي سگھي ٿو.

سيڙپڪاري ڪيئن متاثر ٿئي ٿي؟وڌندڙ وياج  جي شرح سان ڪاروبار لاءِ قرض وٺڻ جو خرچ وڌائي ٿي. جنهن ڪري هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن ڪاروبار ۾  سيڙپڪاري گهٽجڻ شروع ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪمپنيون نوان سامان خريد ڪرڻ يا انهن جي صلاحيت کي وڌائڻ کان نٽائين ٿيون ته  نيون  نوڪريون پيدا ٿيڻ جو عمل پڻ سست ٿئي ٿو. پئسن جي گردش  گھٽجي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجن خرچن کي گهٽائڻ شروع ڪن ٿا.اقتصاديات جي ماهرن موجب، سست بازاري جي وڏين نشانين مان هڪ آهي بيروزگاري ۾ آهستي آهستي  اضافو ۽ نئين نوڪرين ۾ گهٽتائي. بنيادي اصولن مان هڪ اهو آهي ته جڏهن ڏهن مان هڪ ماڻهو پنهنجي نوڪري وڃائي ٿو،ته  ان  سان   معاشي بحران پيدا ٿئي ٿو.

جرمني جي ڊئوچي بينڪ جي ماهرن موجب آمريڪي اداري ” فيڊ“ کي 2023 جي وچ تائين گهٽ ۾ گهٽ 3.6 سيڪڙو تائين وياج  جي شرح وڌائڻي پوندي، ۽ اهو واڌارو بحران ڏانهن وڌڻ جي لاءِ ڪافي آهي. بهرحال، ڪيترن ئي ماهرن جو  چوڻ آهي ته هن امڪاني سست  بازاريءَ مان نقصان محدود ٿيندا.

ماهرن موجب، 2008 جي مالي بحران جي ابتڙ، هن وقت آمريڪي خاندان هاڻي بهتر مالي پوزيشن ۾ آهن. ان وقت  ماڻهو پنهنجون نوڪريون وڃائي چڪا هئا، گهرن جون قيمتون گهٽجي چڪيون هيون ۽ گهرن جي بجيٽ ختم ٿي چڪي هئي. تنهن ڪري، صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري امڪاني سست  بازاري سان وڌيڪ تباهي ڏانهن وڃي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.