ميهڙ: مختلف ڌرين جو پاڻي کوٽ ۽ گذريل ڏينهن آبادگارن تي پوليس لٺياري خلاف احتجاج، ڌرڻو

ميهڙ جي مختلف ڌرين پاران پاڻي کوٽ ۽ گذريل ڏينهن آبادگارن تي پوليس لٺياري خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ايس يو پي ڪارڪنن، سوسائيٽي جي ماڻهن، وڪيل برادري ۽ آبادگارن غلام مصطفيٰ چانڊيو، بشير سوڍر، سعيد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي اعواڻ موري وٽ شاميانا لڳائي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل رهي، گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته 4ڪلاڪن بعد ايس ڊي او آبپاشي ۽ ٻين مظاهرين وٽ پهچي پاڻي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جون وفاقي ۽ سنڌ حڪومت برابر جون ذميوار آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران ساريالي فصل جي پوکي تي پابندي وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

سندن چوڻ هو هن وقت تائين رائيس ڪئنال ۽ ڪڪول واهه سميت ميهڙ تعلقي جي سمورن شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو جنهن سبب آبادگارن لکين رپين پوکيل ساريالي فصل جو ٻيجارو به سڙي رهيو آهي.

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پاڻي جي جائز حق لاءِ احتجاج ڪرڻ تان پوليس آبادگارن تي فائرنگ ۽ لٺبازي ڪري 200 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس داخل جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙن تي داخل ڪيس ختم ڪري بنا دير تعلقي جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.