ميهڙ: پوليس جي مبينا مقابلي کانپوءِ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ميهڙ پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب فريد آباد روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين پوليس جي گاڏي کي ڏسي فائرنگ ڪئي ته مقابلي ٿي پيو.

پوليس مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ عبدالغفار عرف ڇٽو برهماڻي طور ٿي آهي، جيڪو پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گھربل هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.