ڪنڌڪوٽ ۾ معذورن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ معذورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

معذور اتحاد جي سڏ تي معذورن حماد الله، سماجي اڳواڻ آفتاب باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته معذورن کي 5سيڪڙو ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ واري سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود کين روزگار ناهي ملي سگھيو.

هنن چيو ته روزگار لاءِ ڊي سي آفيس سوڌو، ايم پي اي ۽ ايم اين اي جا بنگلن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.

معذورن وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته کين ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي بيروزگاري کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.