دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي گهرڀاتين سندس بيماري بابت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.
اڳوڻي صدر جي فيملي جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي لاءِ ملڪي قيادت جي رابطي ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.
Message from Family pic.twitter.com/TDFYUypJcH
— Pervez Musharraf (@P_Musharraf) June 19, 2022
سندن چوڻ هو ته پاڪستان واپسي کان اڳ طبي، قانوني ۽ حفاظتي چيلينجز کي غور سان ڏسي رهيا آهيون.
پرويز مشرف جي گهرڀاتين موجب پاڪستان ۾ گهربل دوائون ۽ طبي سهولتون نه آهن.
ياد رهي ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف بيمار آهي ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ آهي، کيس ڊاڪٽرن سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي جنهن بعد سندس جلد ڏيهه واپسي ممڪن ناهي.