نيوٽرلز کي سمجهايو ته سازش ٿي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت وئي ته ايندڙ نه سنڀالي سگهندا: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان تيستائين احتجاج ڪندا رهنداسين، جيستائين صاف شفاف چونڊن جي تاريخ نٿي ملي.

وڊيو لنڪ ذريعي مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شفاف چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيندو، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اسان سڀني گڏجي جدوجهد ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته اسان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪورونا اچي ويو هو، جنهن سبب ڏکيائين کي منهن ڏنوسين پر اسان ملڪي معيشت کي سنڀاليو ۽ ان کي اڳتي وٺي پئي وياسين، مان نيوٽرلز کي سمجهايو هو ته سازش ٿي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت وئي ته ايندڙ نه سنڀالي سگهندا.

سندس چوڻ هو ته فيٽف مان نڪرڻ لاءِ سڀني گڏجي جدوجهد ڪئي هئي، ان لاءِ حماد اظهر جون وڏيون ڪوششون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.