سبي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ ٻوڏ وهڪرو مسافر وين کي لوڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
پي ڊي ايم اي موجب سبي جي علائقي ڪٽ منڊي ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ وين لڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
وين ۾ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، فوت ٿيندڙن ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي شامل آهي، 10 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو ذريعن موجب لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي برساتن کانپوءِ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، بارکان ۾ عيشاني باڊياني ڊيم اوور فلو ٿي ويو آهي، ڊيرا بگٽي ۽ موسيٰ خيل جا ڪجهه علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
اتر اولهه بلوچستان ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڊي جي خان ۽ ڊي آءِ خان سوڌو بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ فلڊ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.