اسلام آباد ۾ مارڪيٽون، دڪان ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻ جا حڪم جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بجلي جي بچت لاءِ ڪاروباري وقت جو شيڊيول جاري ڪيو ويو.

مارڪيٽن ۽ واپاري مرڪزن بابت قلم 144 تحت پابنديون لاڳو ٿي ويون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ مارڪيٽون، دڪان، گودام ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي بند ٿي ويندا، شادي هالز، شادي جون تقريبون، لائٽنگ 10 وڳي تائين بند ڪئي ويندي، واپاري ۽ صنعتي مرڪز، ريسٽورنٽس، ڪلبز، پارڪ، سئنيما گهر۽ ٿيٽر رات جو ساڍي 11هين وڳي بند ٿيندا.

ايمبولنس سروس، طبي مرڪزن، پيٽرول پمپن ۽ بس اڏن کي پابندي کان ڇوٽ هوندي، جڏهن ته تندور، کير، ڏهي جي دڪانن ۽ سبزي منڊي کي به ڇوٽ حاصل هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.