ڪوٽڙي ۾ مبينا طور ويڳي ڀاءُ هٿان قتل ٿيل ناري جي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ويو.
مقتولا ظهران کوسو جي وارث مردن ۽ عورتن ڪوٽڙي پل تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪريو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ان موقعي احتجاج ڪندڙ الزام مڙهيندي چيو ته چار ڏينهن اڳ سبحان ڪالوني ۾ ناري ظهران کوسو کي ويڳي ڀاءَ گوليون هڻي قتل ڪيو پر پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي.
هنن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي پوليس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مقتولا ظهران جي قاتل کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.