ڪوٽڙي: مبينا طور ڪيمڪل وارو کير واپرائڻ سبب پيءُ جي ٽن ٻارڙن سوڌو حالت خراب، اسپتال منتقل

ڪوٽڙي واسي جي مبينا طور ڪيمڪل وارو کير واپرائڻ سبب ٽن ٻارڙن سوڌو حالت خراب ٿي وئي، جن کي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏياري وئي.

سائيٽ واري علائقي جي مسلم ٽائون ۾ رهواسي احمد نواز چانڊيو جي 3ورهين جي ڌيءُ ام ارباب ۽ 2ورهين جي پٽ مبشر علي سوڌو 3ٻارن جي مبينا طور ڪيمڪل وارو کير واپرائڻ سبب حالت خراب ٿي وئي.

علائقي واسين احمد نواز چانڊيو کي ٻارڙن سميت اسپتال پهچائي طبي امداد ڏياري، جڏهن ته سندن حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.

مبينا طور کير واپرائڻ سبب متاثر ٿيل احمد نواز چانڊيو ميڊيا آڏو الزام هڻندي ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ طارق لاکير نالي کير وارو ڪيميڪل وارو کيرو وڪرو ڪري ٿو.

هن مطالبو ڪندي وڌيڪ چيو ته دڪان تان کير وٺي ٻارڙن سوڌو واپرايو ته حالت خراب ٿي وئي، خوراڪ کاتو نوٽيس وٺي غيرمعياري کير کپائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.