ڪنهن به اداري ۾ پگهار وڌرائڻ جا ست طريقا

پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ پگهار کڻندڙ طبقو ڏکيائين جو شڪار آهي ان صورتحال ۾ آمدني جا ذريعا وڌائڻ يا وري پگهار وڌرائڻ لازمي ٿي ويو آهي.

ان ڏس ۾ هتي اوهان کي پگهار وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جا ست طريقا ٻڌائي رهيا آهيون جن سان اوهان کي سولائي ٿيندي.

ڪمپني ۾ پنهنجي قدر جو صحيح اندازو لڳايو

جيڪڏهن ايڇ آر سان ڳالهائڻ چاهيو ٿا ته کين ياد ڏياريو ته اوهان جي اچڻ سان ڪم ڪيئن بهتر ٿيو آهي ۽ دليل ڏيو ته اوهان جي ڪري ڪمپني پيسا ڪيئن بچائي رهي  آهي ڇو ته اوهان جي بدران ٻئي ڪنهن کي تربيت ڏيڻ تي پيسا ۽ وقت ٻئي ضايع ٿيندا.

صحيح وقت تي پگهار وڌائن جو مطالبو ڪريو

اهو اهم آهي ته اوهان پنهنجي پگهار وڌائڻ واري ڳالهه اهڙي موقعي تي ڪيو جڏهن اوهان ڪو وڏو هدف حاصل ڪيو هجي يا ڪمپني کي وڏو فائدو رسايو هجي.

مينيجر سان هڪ ڀيرو نه وري وري ڳالهائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي ۽ اهو وقت به ذهن ۾ رکو جڏهن ڪمپني پنهنجي بجيٽ تي فيصلا ڪرڻ واري هوندي آهي.

پگهار وڌرائڻ لاءِ پنهنجي ساٿين جي مدد وٺو

پگهار وڌرائڻ واري مطالبي لاءِ پنهنجن ساٿين جي راءِ ڄاڻيو ۽ انهن ماڻهن جي مدد حاصل ڪريو جيڪي اوهان جي ڪم جي ساراهه ڪندا آهن، ضرورت پوڻ تي اوهان به انهن جي مدد ڪريو جن کان اوهان اميد ڪريو ٿا.

ڳالهين ۾ بحث کان بچو

ڳالهين کان اڳ تياري ڪري وٺو ته ڪمپني جون ترجيحون ڪهڙيون آهن ۽ اوهان جي مينيجر جا هدف ۽ ڌيان ڪهڙي شئي تي آهي.

پيسن کانسواءِ ضروري شيون

ملازمن لاءِ رڳو پگهار اهم ناهي هوندي پر ڪمپني جو ڪلچر، قدر، اعليٰ قيادت جو معيار ۽ موقعا به اهڙيون شيون آهن جن تي ڳالهائي سگهجي ٿو.

مک سوال

ڳالهيون ائين ڪرڻ گهرجن جيئن مينيجر کي جواب ڏيڻ ۾ سولائي ٿئي.

اوهان پڇي سگهو ٿا ته مون کي پنهنجي پگهار ۾ 20 سيڪڙو واڌ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي يا وري اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي ته منهنجي پگهار منهنجي ڪم سان انصاف ڪري سگهي؟

اهڙن سوالن سان ظاهر ٿيندو ته اوهان کي ترقي ڏجي يا پگهار ۾ ٻي ڪنهن صورت ۾ واڌ ڪجي.

پگهار نه وڌي ته پوءِ

جيڪڏهن مينيجر سان ڳالهيون ناڪام ٿين ته پوءِ اوهان ڪجهه دليل ڏئي سگهو ٿا جيئن اوهان کي ڪهڙي ڳڻتي آهي؟ پگهار وڌڻ ڇو ممڪن ناهي؟ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي جو پگهار وڌي؟

اهڙن سوالن تي اوهان کي شڪي جواب ملندا جيئن ڪم ڪندا رهو يا وري جلد پگهار وڌائي ويندي ان صورت ۾ اوهان متبادل ملازمت ڳولڻ شروع ڪري ڏيو.

ٻئي پاسي کان آڇ ٿئي ته پوءِ ڪمپني اوهان کي روڪڻ تي مجبور ٿيندي ۽ پگهار به وڌائي ڇڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.