راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هاڻ نواز شريف جي واپسي جو منتظر آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته هاڻ آصف زرداري پ پ جي ڪمان سنڀالي آهي ۽ ٻئي پاسي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هاڻ نواز شريف جي واپسيءَ جو منتظر آهي.
هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت مفاد پرستن جو ٻيو نالو آهي، انهن کي رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ جي ڳڻتي آهي غريب جي نه.
امپورٹڈ حکومت مفاد پرستوں کا دوسرا نام ہے۔انہیں صرف اپنے کیسز کے ختم کرانے کی فکر ہے غریبوں کی نہی۔خدا خیر کرے اب آصف زرداری نے پیپلزپارٹی کی کمان سنبھال لی ہے.عنقریب بجلی میں اضافے کا تیسرا کرنٹ لگے گا۔ملک کی فارن ترسیلات،فارن ریزرو اور روپے کی گراوٹ کی کمی کی انہیں کوئی فکر نہی
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) June 19, 2022
سندس چوڻ هو ته تمام جلد بجلي ۾ واڌ جو ٽيون ڪرنٽ لڳندو، پرڏيهي ناڻي جي پهچ، فارن ريزرو ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي انهن کي ڪا ڳڻتي ناهي.
شيخ رشيد چيو ته پنجاب جي هڪ صوبي ۾ 2 اسيمبلين جي اجلاس ٿي رهيا آهن، حالتون جيتري تيزي سان خراب ٿي رهيون آهن سپريم ڪورٽ کي سوموٽو وٺڻ گهرجي، مان اڄ شام 9 وڳي لال حويلي مان اندروني ۽ ٻاهرين سازشن تي تفصيلين ڳالهه ٻولهه ڪندس.