اسان فيس بڪ جهڙو نٿا بڻجڻ چاهيون: ٽڪ ٽاڪ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ طرفان ٽڪ ٽاڪ کي مخالف سمجهي ان جهڙو بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر چيني وڊيو شيئرنگ ايپ پنهنجي مخالف سوشل نيٽ ورڪ جيان بڻجڻ جو ارادو نٿي رکي.

ٽڪ ٽاڪ جي گلوبل بزنس سلوشن جي صدر بليڪ چانڊل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فيس بڪ هڪ سوشل پليٽ فارم آهي، هن پنهنجا سمورا الگورٿم سوشل گراف تي تيار ڪيا آهن، اهو ئي سندس بنياد آهي پر اسان جو ماڊل اهو ناهي، اسان هڪ تفريحي پليٽ فارم آهيون ۽ ٻين ڪمپنين ۾ وڏو فرق آهي.

ٽڪ ٽاڪ عهديدار جي سوشل گراف مان مراد اها ڊيٽا آهي جيڪا انفرادي طور تي ماڻهن وچ ۾ لاڳاپن کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ گڏ ڪئي وڃي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.