عمران خان جو اين اي 240 ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 240 جي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ نئون چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پارٽي جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اين اي 240 ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، 8 سيڪڙو ٽرن آئوٽ عوام جو چونڊ عمل کان لاتعلقي جو اظهار آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڊسڪا جي ننڍي چونڊ 40 سيڪڙو ٽرن آئوٽ باوجود ڪالعدم قرار ڏني، فيصلي سازي ۾ ٻٽو معيار اليڪشن ڪميشن جي معيار تي سنجيده سوال اٿاري ٿو.

واضح رهي ته 16 جون تي ڪراچي جي تڪ اين اي 240 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جي محمد ابوبڪر ميدان ماري ورتو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ پولنگ جو ٽرن آئوٽ 8.38 سيڪڙو رهيو.

ياد رهي ته ان تڪ ۾ 25 اميدوار ميدان ۾ هئا ۽ اها سيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اقبال محمد علي جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ان اليڪشن ۾ حصو نه ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.