21 جون تي لاڙڪاڻي ۾ جلسوٿيندو، بلاول ڀٽو خطاب ڪندو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو ) پاڪستان  پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي اسرائيل ۽ را جو ايجنٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري حق آهي پر حڪومت پرامن احتجاج جي آڙ ۾ خوني احتجاج ٿيڻ نه ٿيندي، ايٽمي اثاثن ۽ ملڪ جا ٽي ٽڪرا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان را ۽ اسرائيل جو ايجنٽ آهي، لاڙڪاڻو  پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته دهشتگردي لاءِ رقم فراهم ڪرڻ ۾ سزا يافته حافظ سعيد جي حمايتي پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي سڀني نقطن تي عمل درآمد جي روشني ۾ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضع ٿي چڪا آهن. نثار کهڙو چيو ته رائو انوار جي مطابق جيڪڏهن رحمٰن ملڪ محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرڻ بابت چيو هو ته رحمٰن ملڪ ان وقت ڪنهن سرڪاري عهدي تي يا وزير نه هيو ته هو ڪيئن اهڙا حڪم جاري ڪري پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ زور ڀري سگهي پيو؟ هن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي جاءِ شهادت واري هنڌ کي فوري ڌوئي صاف ڪيو ويو ته پوءِ پرويز مشرف کي ذميداري کان آجو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي ان لاءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو ڇو نه وٺو؟. هن چيو ته بيت الله محسود کي به پرويز مشرف بچائيندو رهيو ۽ ايتري حد تائين پرويز مشرف ته اسامه بن لادن جي زندهه هجڻ تي به اِها دعويٰ ڪئي هئي ته هو مري چڪو آهي. هن چيو ته آمر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس، آئين سان غداري واري ڪيس سميت گهڻين ئي ڳالهين جو جوابدار آهي. نثار کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمٰن هڪ طرف عمران خان جي خلاف آهي ته ٻئي طرف پنهنجي لاڙڪاڻي جي جي يو آءِ قيادت کي پي ٽي آءِ سان اتحاد جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ مولانا فضل الرحمان سان پنهنجي اها پاليسي واضع ڪرڻ بابت ڳالهايو ويندو. هن چيو ته 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ شام جو 6 وڳي وڏو جلسي عام ڪيو ويندو جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.