اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي کان روڪي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) اليڪشن ڪميشن طرفان 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ رٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسي کي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي پي پي پي ضلعي صدر کي خط اماڻي جلسو ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جلسو ملتوي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پي پي پي ضلعي صدر ۽ پارٽي اڳواڻن خلاف اليڪشن ڪميشن ايڪٽ تحت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ اليڪشن آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ڪاشف عنايت طرفان پي پي پي ضلعي صدر خورشيد احمد جوڻيجو کي اماڻيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مختلف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي دوري ۽ 21 جون تي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن جي اجازت ۽ انتظامن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اوهان جي آفيس طرفان درخواست به لکي وئي آهي. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق موجب هاڻي لاڙڪاڻي ۾ عوامي ميڙاڪا ڪرائڻ تي پابندي آهي تنهن ڪري اوهان کي صلاح ٿي ڏجي ته رٿيل جلسي يا عوامي ميڙاڪي کي ملتوي ڪيو وڃي ٻي صورت اوهان جي پارٽي ۽ پارٽي جي اڳواڻن خلاف اليڪشن ايڪٽ 2017 تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي پڻ خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته جلسي کي روڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.