بنگلاديش ۾ ٻوڏ،41 ڄڻا فوت، لکين بي گهر

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ مون سون برساتن سبب ٻوڏ ۽ مٽي جي ڇپون ڪرڻ سبب41 ڄڻا فوت ۽ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل آهن. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مقامي پوليس جي ترجمان ميزان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل هفتي کان وقفي وقفي سان جاري برساتن سان ملڪ جي اتر اوڀر علائقن پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهن ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. هن ٻڌايو ته تيز برساتن جي دوران کنوڻ ۽ مٽي جي ڇپون ڪرڻ سبب هاڻي تائين 25 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب بنگلاديش جي سلهٽ ۾ ٽئين سڀ کان وڏي بين الاقوامي هوائي اڏي کي جمعي ڏينهن بند ڪري ڇڏيو آهي موسميات کاتي مطابق بنگلاديش جي اتر اوڀر مٿين علائقن ۾ وڌيڪ شديد برساتن جو امڪان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.