وڏي وزير پاران ننڍي چونڊ ۾ فائرنگ جا تفصيل طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي، ته هن شهر جو امن اسان وڏين قربانين کان پوءِ بحال ڪيو آهي، انهي کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. شهر قائد ۽ صوبي ۾ جنهن کي سياست ڪرڻي آهي، پرامن سياست ڪري. وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان مطابق وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ سنڌ ڪورنگي ۾ ننڍي چونڊن دوران فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي ڄاڻ ورتي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي واقعي جي شفاف جانچ ڪري ملزمن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. سمورا ايس ايس پيز پنهنجا ضلعن ۾ ڪڙي نگراني رکڻ لاءِ پيٽرولنگ ۽ انٽيليجنس جو ڪم بهتر ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.