سانگي ڀرسان سرڪاري زمين تان جهيڙو، هفتو اڳ پرڻيل نوجوان سميت 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

سانگي/ لکي غلام شاھ / سکر (رپورٽ: انور علي جتوئي+ نديم جان مهر  + شفيع ابڙو ) سانگي جي ڪچي واري علائقي ڪيٽي شاھ ٻيلي ۾ مير محمد مھر ۽ بِلند جتوئي جي ڌرين ۾ پراڻي زمين جي مالڪي تان جھيڙو  ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان چار ڪلاڪن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنھي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رپورٽ موجب لکي غلام شاھ ۽ سکر جي ٽن ٿاڻن بچل ڀيو، قادرپور ۽ جھانگڙو ٿاڻي جي وچ واري حد روھڙي ريجن ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان بلند مرڻاڻي جتوئي ۽ مير محمد مھر ڪچئي جي ڌرين وچ ۾ گذريل ڏينھن جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ جتوئي ڌر جو 7 ڏينھن اڳ شادي ڪيل (گھوٽ) اسلم عرف اسلام الدين پٽ بلند مرڻاڻي جتوئي ۽ مھر ڌر جو اڌڙوٽ ياسين علي پٽ مير محمد مھر موقعي تي قتل ٿي ويا، ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وارو سلسلو وڌي ويو، ٻنھي ڌرين وچ ۾ ٿيل 4 ڪلاڪن جي فائرنگ ۾ نوجوان عبدالواحد  پٽ نبي بخش مرڻاڻي، جتوئي محمد سچل پٽ گلشير مھر ۽ سجاد علي گوليون لڳڻ  سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو، هوڏانهن پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود سکر ۽ پني عاقل جي پوليس حد بندي جو جواز ڄاڻائي واقعي واري ھنڌ آخري اطلاعن تائين پھچڻ ۾ ناڪام وئي، علائقي واسين پاران پاڪ ڪتاب کڻي جھيڙو بند ڪرائي لاش ۽ زخمين کي واقعي واري جڳهه تان کڻائي سکر اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جا مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻنھي زخمين کي حالت نازڪ ھجڻ ڪري لاڙڪاڻي ۽ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ٻئي ڌريون مورچا ٿي ويون آهن، وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.