18 آڪٽوبر ۽ بينظير ڪيس ۾ پ پ جي دلچسپي ناهي، هڪ به جوابدار نه پڪڙيو ويو

اسلام آباد( م ڊ) مقابلن جي ماهر اڳوڻي ايس ايس پي رائون انوار چيو آهي ته 18 آڪٽوبر ۽ بينظير قتل ڪيس ۾ پ پ اڳواڻن جي دلچسپي ناهي، هڪ به جوابدار نه پڪڙيو ويو. جيو جي پروگرام جرگه ۾ انٽرويو ڏيندي رائو انوار چيو ته بلاول روز انڪوائري رپورٽ جو حڪم ڏنو پر اصل جوابدار نه پڪڙيا ويا. هن چيو ته  بينظير ڪيس ۾ 3 بي گناهه ماڻهو پڪڙايا ويا، جيڪي گاڏين ۾ گهميا ۽ ريڪي ڪئي انهن کي ڪجهه نه ٿيو . هن چيو ته بينظير جي جي آءِ ٽي ۾ 2010ع ۾ شامل ٿيس. هن چيو ته رحمان ملڪ چيف سيڪيورٽي انچارج هو، هن کان پڇا ٿئي ها ته هن جي گاڏي ڇو ايترو تڪڙي هلي، جو بينظير وٽ ميڙ ڪٺو ٿي ويو.  اڪرام محسوس ۽ بيت الله محسود کي پڪڙيو وڃي ها. هن چيو ته نقيب الله ڪيس ۾ مان صرف پهچي پريس ڪانفرنس ڪيو هو، منهنجي پهچڻ کان اڳ انڪائونٽر ختم ٿي چڪو هو. مون ايس ايڇ او پيغام اڳتي وڌائي ڇڏيو، اهو ايس ايڇ او بهترين آهي. نقيب الله محسود جي باري ۾ اسان وٽ ثبوت آهن. هن جو نالو  نصيب الله ولد محمد خان جي نالي سان مشهور هو. پوءِ خبر پئي ته هي نقيب الله ولد محمد محسود آهي. قاري احسان سميت هن جا چار ساٿي ڪجهه وقت اڳ مارجي چڪا هئا، هو فرار ٿي ويو هو. هن جا اشتهار ڇپجي چڪا هئا، مون کي نصيب الله ولد محمد خان جي نالي سان ڪو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريو. ثناءُ الله عباسي مون کي ٻه ڀيرا پلاٽ ڏيارڻ جو چيو هو. ثناءُ الله عباسي منهنجي خلاف اها ڪاوڙ ڏيکاري. ثاقب نثار بنا سبب سوموٽو ورتو هو، هن کي وڪيل فيصل صديقي بريف ڪيو هو، وڪيل فيصل صديقي گهر واري سميت لاهور پهتو هو. سوموٽو منظور پشتين جي درخواست تي ورتو ويو هو.  منهنجي مقابلن جي ڪا وڊيو آهي يا ڪي گرفتار ٿيل ماريا هجن. نقيب الله محسود جو سهراب ڳوٺ ۾ ميٽنگ لاءِ ايندو هو. حب چوڪي ۾ ڪم ڪندو هو، ان جو ڪو گهر نه هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا انڪائونٽر ٻه ٿيا، هڪڙو 1995ع ۾ فاروق دادا کي ماريو، انهن وٽان راڪيٽ لانچر سميت خطرناڪ هٿيار مليا. هن چيو ته ٻيو فهيم ڪمانڊو وارو مقابلو هو. مون فاروق دادا کي مارڻ بعد پروموشن نه ورتو، انڪار ڪيو، ان جو ليٽر موجود آهي. مان پنهنجي بيج وارن سميت ڊي ايس پي ٿيس.  اڳوڻي آءِ جي کي ماريو ويو. پوليس وارا ماريا ويا. مون تي ٽي ٽي پي ٻه حملا ڪيا.هن چيو ته لياري گينگ وارن علائقن ۾ منهنجي پوسٽنگ نه هئي. ملير ۾ انهن خلاف ڪجهه ڪارروايون ٿيون. مون کي ڊسمبر 2010ع ۾ بينظير ڪيس جي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويو. مون کي ڪا ڄاڻ نه هئي.  بليڪ بيري رحمان ملڪ وٽ هيون. رحمان ملڪ  سيڪيورٽي چيف هو، ان جي گاڏي ايڏي تيزي سان ڇو نڪري وئي. پرويز مشرف جو بينظير جو ڪو رول نه هو، هو آرمي چيف ۽ صدر هو، هو ڇو اهڙا ڪم ڪندو، القاعده ۽ طالبان ان تي حملا ڪري چڪيون هيون، اهو ڪيئن انهن سان ملاقات ڪندو.  هن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ بينظير قتل ڪيس ۾ پ پ جي دلچسپي ناهي، 3 بي گناهه ماڻهو پڪڙيا ويا، جن ريڪي ڪئي، گاڏين تي گهميا، اهي نه پڪڙيا ويا. هن چيو ته کيس 98 ع ۾ هٽايو ويو، 12 سال پري رهيس ۽ 2008ع ۾ بحال ٿيس. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ سڀ الطاف جي ها ۾ ها ملائيندڙ هئا، ڪير ڏکڻ آفريڪا کان ڪراچي ويندو هو يا بئنڪاڪ ويندو هو.عمران خان ايم ڪيو ايم خلاف پريس ڪانفرنس ۽ خواجا اظهار جي گرفتاري وقت ته منهنجي حمايت ڪئي پر پنهنجي ئي ميمبر سيف الرحمان جنهن تي ٽانڪ ۾ ٻه ايف آءِ آرون هيون، انهن جي گهرن تي ڇاپن تي منهنجي خلاف ٿي ويو. هن چيو ته مون کي امين فهيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف خلاف ثبوت عمران خان حوالي ڪر ته جيئن اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۾ الطاف خلاف ڪيس ۾ سندس مدد ٿئي. مان پارليامينٽ لاجز ۾ وڃي عمران خان کي فائل ڏنو، هڪ ڪاغذ رهجي ويو، جيڪو وري سيف الله کي ڏنو جنهن عمران خان کي اي ميل ڪري ڇڏيو. رائو انوار چيو ته اي ڊي خواجا منافق هو. هو هڪڙو حڪم ڏئي وري پٺتي هٽي ويندو هو. هن چيو ته مراد شاهه جي پي ايس ڪينٽ ۾ زمين ڏيڻ جو چيو. مرتضيٰ وهاب نثار مورائي جي جي آءِ ٽي ۾ نالو ڪٽرايو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.