لاهور(م ڊ) پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ڇا رياست جو نظام بي حس ٿي ويو آهي؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچن کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سندس ٻار يونيورسٽي، ڪئمپس ۽ صوبي مان ٻاهر محفوظ ناهن؟ هن چيو ته ايرڊ يونيورسٽي راولپنڊي جو 17 سالن جو شاگرد ان صورتحال جو نئون متاثر شخص آهي، هن اهو به چيو ته جيڪڏهن جنگي قيدين جا حق آهن ته پوءِ اسان جي ٻارن جا ڇو نه؟