تيل جي صنعت انسانيت جي ڳچي دٻائي رکي آهي: انتونيو گوتريش

ويانا(م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ اعليٰ سطحي ورچوئل اجلاس دوران چيو آهي ته معدني تيل پيدا ڪندڙ صنعتڪارن ۽ ان کي مالي  امداد فراهم ڪندڙ ماڻهن انسانيت جو ڳلو دٻائي رکيو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري مطابق اڪنامڪ فورم ان انرجي اينڊ ڪلائمٽ جي ورچوئل اجلاس دوران هن سفارتي آداب کي هڪ پاسي رکندي معدني تيل جي صنعت تي ڀرپور تنقيد ڪئي. اهو پهريون موقعو آهي جو هن معدني تيل جي صنعت کي تمباڪو جي صنعت جهڙو قرار ڏيندي چيو ته تيل جي صنعت پڻ تمباڪو جي صنعت وانگر تاخيري حربا استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته جوبائيڊن جو چوڻ هو ته هو آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشسون ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته اجلاس ۾ آمريڪي صدر سميت سعودي عرب، چين، يورپ ۽ مصر جا نمائندا شريڪ هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.