انوکي لاڏلي کي آڻيندڙ ضرورت وقت اسان جي ٻڌن ٿا:آصف زرداري

لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پ پ عهديدارن بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري بدلائي ڇڏيندس، انشاءَالله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مڪمل شيئر وٺنداسين، هن چيو ته هاڻ پنجاب ۾ ويهندس ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، اهو چوڻ ته پنجاب، گلگت بلتستان ۾ پ پ ختم ٿي وئي نسورو ڪوڙ آهي، اسان پنهنجي سياست ڪمزور ڪري پاڪستان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، انوکي لاڏلي جي چئن سالن جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي، سندس چوڻ هو ته اهي اسان جي ڪٿي ٿا ٻڌن، جڏهن ضرورت پوندي آهي تڏهن ٻڌندا آهن، پنجاب ۾ ويهڻو آهي ۽ ڪارڪنن کي عزت ڏيڻي آهي.اشرف باراڪو کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پنجاب ۾ ويهي ڪارڪنن جي عزت ڪرڻي آهي، ماڻهن کي خبر  هجڻ گهرجي ته پ پ جو صدر گلبرگ ۾ ويٺل آهي، هن چيو ته ڪارڪنن کي بحريا ٽائون اچڻ ۾ مسئلا ٿين ٿا، انڪري بلاول هائوس ۾ ويٺو آهيان.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.