بجلي اگهه ۾ 8 رپيا يونٽ واڌ جو فيصلو، لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار

اسلام آباد(م ڊ) بجلي صارفن لاءِ هڪ ٻي خراب خبر اچي وئي، بجلي جي اگهه ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي، سينٽرل  پاور پرچيزنگ ڪمپني پاران مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، نيپرا 27 جون تي ٻڌڻي ڪندي، سي سي پي اي مطابق مئي ۾ فرنس آئل مان 8.80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، فرنس آئل سان 33 رپيا 67 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، مقامي گئس سان 10 سيڪڙو درآمدي ايل اين جي سان 22.98 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، مئي ۾ پاڻي مان 24.50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، مئي لاءِ ريفرنس لاڳت 5 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر هئي، ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، شارٽ فال 6 هزار ميگاوٽ کان هيٺ نه آيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 4 کان 12 ڪلاڪن جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، حيدرآباد ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين ۽ امتحان ڏيندڙ شاگردن کي مشڪلات پيش آئي، پنجاب جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ڪوئيٽا ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رهڻ سان شهرين جي زندگي زهر بڻجي وئي آهي، پشين جي علائقي خانوزئي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين ٽائر ساڙي ڪوئيٽا زوب شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏي، پنجگور ۾ بجلي جي فراهمي پنجين ڏينهن به بند رهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.