آرمي چيف بابت سوچيو به نه هو، آءِ ايس آءِ سربراهه کانسواءِ ڪنهن جنرل کي نه سڃاڻيندو هئس: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ملڪيتون رکندڙن کي عوام جي ڏکيائين ۽ ملڪ جي مستقبل جو ڪوبه فڪر ناهي،  پي ٽي آءِ پنهنجي ماڻهن تي ڏينهن ڏٺي جو ٿيندڙ ظلم  برداشت نه ڪندي. پارٽي ترجمانن جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪورونا جي وبا ۽ عالمي مهانگائي پي ٽي آءِ جي حڪومت ڍال بڻجي پنهنجي ماڻهن کي بچايو، پر ڦورن ۽ لٽيرن پنهنجيون ٽجوڙيون ڀري ملڪ کي گروي رکي ڇڏيو، عوام تي مهانگائي جو عذاب نازل ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو ته اڄ آچر واري ڏينهن احتجاج ۾ قوم سان گڏجي آئنده جو لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين،  هن چيو ته ظالم، ڏاڍ ۽ طاقت سان عوام کي پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.   خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري بابت سوچيو به نه هو، ڊي جي آءِ ايس آءِ کانسواءِ فوج ۾ ڪنهن کي به نه سڃاڻيندو هئس، خرم دستگير جو ضمير جاڳي پيو آهي، هن سچ ڳالهايو آهي، ڳجهي ڪئميرا سان اجلاس جي وڊيو رڪارڊ ڪئي اهي، وڊيو ۾ سڀ ٻڌايو آهي ته سازش ۾ ڪير ڪير ملوث آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.