ايف اي ٽي ايف معاملي تي جشن ملهائڻ وقت کان اڳ آهي: حنا رباني

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي سمورن ايڪشن پلانز  تي عمل ڪيو، ملڪ گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ  هڪ قدم پري آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خوشي آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، معاملي تي جشن ملهائڻ وقت کان اڳ هوندو، ڪوششون جاري رکڻيون پونديون، گري لسٽ مان نڪرڻ بعد معيشت تي سٺا اثر پوندا، هن چيو ته ان ۾ شڪ ناهي ته ايف اي ٽي ايف جا شرط مشڪل هئا، اسان جي ڪاميابي 4 سالن جي مشڪل سفر جو نتيجو آهي، حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن، پر رياست جيڪو ڪم ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن کي ٻه ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو، اهو عمل غيرمثالي آهي، موجوده حڪومت ان ڪاميابي جو ڪريڊٽ هر هڪ جي سر تي سجائڻ چاهي ٿي، مان هر هڪ کي ڪاميابي جو ڪريڊٽ ڏيڻ چاهينديس، پاڪستان کي هاڻي ايف اي ٽي ايف جي ٽيم جي دوري جي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اهو ملڪ لاءِ هڪ پيغام آهي ته ” هاڻي ايئن هرگز نه ٿيڻ گهرجي“ هاڻي اسان ڪڏهن به اهڙي ڪنهن لسٽ جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.