آرمي چيف جي ”ڪورسيل“ اهم ڪردار ادا ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف قوم کي فيٽف جي وائٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون  آهن. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو، ” ٽيم پاڪستان “ کي واڌايون هجن جنهن پاڪستان لاءِ ڪامياب ڪاوش ڪئي. . شهباز شريف چيو ته آرمي چيف جي قائم ڪيل ڪور سيل پاڪستان جي اهم ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ ان سان پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون .وزيراعظم چيو ته گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍائڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ سول ۽ ملٽري ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي مبارڪون جنهن جي اڳواڻي ۾ ٽيم کي اهم ڪاميابيون مليون جڏهن ته عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ واري عمل تي مبارڪون ڏيان ٿو.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم شهباز شريف فون ڪئي. وزيراعظم ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا هدف مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير کي مبارڪ ڏني.ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم مبارڪن جي حقدار آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.