سريلنڪا ۾ معاشي بحران: اسڪول بند، فوج هارپو ڪندي

ڪولمبو(م ڊ) سريلنڪا ۾ ٻارڻ جي عدم دستيابي سبب اسڪول ۽ سرڪاري آفيسون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق سريلنڪا جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن واري وزارت هڪ حڪمناموجاري ڪندي چيو آهي ته ٻارڻ جي کوٽ سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ پرائيويٽ گاڏين جو بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ غذائي بحران شديد تر ٿيڻ سبب فوج پوکي مهم ۾ حصو وٺندي جنهن تحت 1500 ايڪڙ بنجر زمين کي غذائي پيداوار وڌائڻ لاءِ پوکي لائق بڻايو ويندو ، جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مهم جي اڳواڻي ليفٽيننٽ جنرل ويڪم لياناگي ڪندو، سريلنڪن فوج جو چيف آف اسٽاف ميجر جنرل جگت ان پوري منصوبي جي نگراني ڪندو، فوجي جٿا پهرين بنجر زمين جي صفائي ڪندا، پوءِ هر هلائڻ کانپوءِ زرعي ماهرن جي تجويز ڪيل مختلف فصلن جا ٻج هڻندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.