ريلوي جي ڀاڙن ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو واڌ

لاهور (م ڊ) ريلوي اختيارين ريلوي جي ڀاڙن ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي، مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو، مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو، جڏهن ته پارسل ۽ لگيج ٽرينن جي ڀاڙن ۾ به 5  سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ريلوي کاتي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته 14 جون تي ئي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ايڪسپريس ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو ۽ فريٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي چيو هو ته مسافر ٽرينن جو ڀاڙو نه وڌندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.