عوام اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل پارٽين کي رد ڪيو، کاٻي ڌر کي متحد ٿيڻو پوندو: ترقي پسند اڳواڻ

اسلام آباد (بيورو)  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان "ليفٽ متبادل ڪانفرنس” جي عنوان سان نيشنل پريس  ڪلب، اسلام آباد ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ لال جروار جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي وفد، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نخبا تاج لانگاهه، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ هاشم کوسو، عوامي ورڪرس پارٽي گلگت بلتستان جي  اڳواڻ ڪامريڊ بابا جان، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ محمد قاسم ميرجت، فضا قريشي ـ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طاهر بزنجو،  پاڪستان انقلابي پارٽي جي اڳواڻ صابر علي حيدر، گلگت بلتستان بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ شبير، پاڪستان مزدور تحريڪ جي اڳواڻ احمد نعيم قريشي،  پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ فهيم، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ علي معيار، ڄمون ڪشمير عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ نثار شاھ، ڄمون ڪشمير نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻ عبدالقادر ناثر، ڄمون ڪشمير پيپلز نيشنل پارٽي جي وفد،  پاڪستان انقلابي پارٽي جي وفد،  پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ شڪيل وحيدالله ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ٺهڻ شرط ئي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي پاسيرو ڪري ملڪ تي سامراجي ايجنٽن قبضو ڪري ورتو. قائد اعظم 11 آگسٽ 1948ع ۾ آئين ساز اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته توهان سڀ آزاد آهيو، توهان جي مرضي توهان مندر ۾ وڃو يا مسجد ۾ يا ڪنهن ٻي عبادتگاهه ۾، رياست جو مذهب سان ڪو به تعلق نه آهي پر ملڪ تي قبضو ڪندڙ سامراجي ايجنٽن کيس کٽارا ايمبولينس ذريعي قتل ڪرائي ملڪ تي مڪمل طور قبضو ڪري جناح جي سيڪيولر نقط نظر کي پٺي ڏئي، ملڪ کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هن چيو ته لاهور ۾ 23 مارچ 1940ع ۾ پاس ڪيل قرارداد تحت ئي ملڪ کي هلائي ۽ بچائي سگهجي ٿو. پنجاب جا حڪمران ننڍن صوبن جي وسيلن تي قابض لڳا ويٺا آهن،پنجاب جي ترقي پسند ۽ عوام دوست قوتن کي پنجاب جي حڪمرانن جي ٻين قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن جي نندا ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن ڌاڙن خلاف ننڍين قومن جي هلندڙ جدوجهد ۾ انهن جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن. سنڌ جو پاڻي بند ڪري، سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ سان ملڪ هلي ئي نه سگهندو. هن چيو ته جنرل ايوب خان غيرقانوني طور سڄيون ساريون ٽي نديون هندستان کي وڪڻي ڇڏيون جڏهن ته انهن ندين ۾ سنڌ جو حصو هو پر سنڌ جي نمائندن جي موجودگي کانسواءِ نديون وڪڻي سنڌ سان هندستان ۽ پنجاب ٻنهي حڪمرانن گڏجي فراڊ ڪيو آهي. سنڌ جيڪا تاريخي طور خوشحال ۽ سرسبز رهي آهي، تنهن جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي ويران ۽ ڀڙبانگ بڻايو پيو وڃي. سنڌ جي زراعت کي ته اڳ ۾ ئي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو پر هاڻي ته سنڌ جي پيئڻ جو پاڻي به بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ خصوصن سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري وڏو مسئلو آهي. لکن جي تعداد ۾ افغاني پناهگير سنڌ ۾ آباد ٿي چڪا آهن. اسان سدائين ان سامراجي جنگ جي مخالفت ڪئي آهي. پر ان جو اهو هرگز مطلب ناهي ته اهي آمريڪا ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ توڙي افغاني انتهاپسندن جي غلطين جي سزا سنڌي ماڻهن کي سندن وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ ڏين. ان ڪري اسان جو مطالبو هئڻ گهرجي ته افغاني پناهگير ملڪ خصوصن سنڌ مان ڪڍي واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪي به پارٽيون ٺاهيون، پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو. اسان ڪي به جنگيون ناهن وڙهيون پر حڪمرانن جي پاليسين سبب پاڪستان جو عوام جنگي صورتحال ۾ رهي پيو. دنيا ۾ معاشي ترقي ته ٿئي ٿي پر سماجي ترقي ڪو نه ٿي آهي. پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر نخبا تاج لانگاھ چيو ته کاٻي ڌر کي عوام ۾ وڃي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سرائيڪي وسيب کي انتظامي يونٽ بدران صوبو قرار ڏنو وڃي. عبدالقادر نثار چيو ته پاڪستان جون مظلوم قومون ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن.  طاهر بزنجو چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي عروج تي پهتي آهي. پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ ماڻهو غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. قدرتي وسيلن سان مالا مال بلوچستان جا 60 سيڪڙو ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. اهڙي صورتحال ۾ 26 کرب پاڪستان جي اشرافيا تي عوام جي پئسن مان خرچ ڪيا وڃن ٿا. آءِ ايم ايف جا شرط غريب مسڪين ماڻهن ۽ طبقن لاءِ تباهي ۽ بربادي وارا شرط آهن. عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ محمد قاسم ميرجت خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي جي هڪ ڳوٺ ۾ هاري کي اڃ لڳي ته اهو پاڻي ڳولڻ لاءِ گهڙو کڻي نڪتو پر پاڻي نه مليس ۽ اڃ وگهي فوت ٿي ويو. سنڌ ۾ پاڻي جي اهڙي خطرناڪ صورتحال آهي ان باوجود ڊيم ٺاهيا پيا وڃن. جيئي سـنڌ محاذ جي اڳواڻ هاشم کوسو چيو ته هي ملڪ 1940ع جي بنياد تي ٺهيو هو ۽ 1940ع جي قرارداد ۾ واضع لکيل آهي ته هن ملڪ ۾ موجود سموريون قوميتون آزاد ۽ خودمختيار هونديون پر انهن قومن کي غلام بڻايو ويو آهي. 1940ع واري قرارداد تي عمل ڪرڻ کانسواءِ هي ملڪ هلي ئي نٿو سگهي. عوامي ورڪز پاٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻ بابا جان چيو ته کاٻي ڌر کي ويڇا ڇڏي گڏجڻو پوندو. شبير معيار چيو ته اسان کي اهو پاڪستان کپي جنهن ۾ ڪنهن به هڪ صوبي جي آپيشاهي نه هجي، جنهن ۾ هڪ صوبو ٻين صوبن جي وسيلن جي ڦرلٽ نه ڪري. ڪامريڊ نثار جان چيو ته موجوده مسئلن جو حل  کاٻي ڌر وٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.