عدالت پاران عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڄ صبح فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت شهري عبدالاحد پاران داخل درخواست منظور ڪندي عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جيئن عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھي. سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته وارث عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائڻ چاهين، وارث چون ٿا ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان هنن جي والد جي روح کي تڪليف پهچندي، وارث چون ٿا ته اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي لکت واري حڪم نامي ۾ چوڻ هو ته وارثن جو موقف آهي ته پوسٽ مارٽم سان عامر لياقت جي قبر جي بي حرمتي ٿيندي، ڪو شڪ ناهي، وارث عامر لياقت جي قبر جا وارث آهن پر موت شڪي ٿيو ۽ ڏوهه جو به خدشو هجي ته انصاف جو نظام حرڪت ۾ اچڻ گھرجي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پردي پٺيان حقيقتون سامهون اچڻ گھرجن. عدالت سيڪريٽري صحت کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم جي تاريخ مقرر ڪندو، ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ بابت عدالت کي به آگاهه ڪيو وڃي.عدالت ايس ايڇ او بريگيڊ کي سمورا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. 03

  • دانيا ڏچي ۾، ايف آءِ اي تحت ڪارروائي جي درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) عامر لياقت جي آخري گهر واري دانيا شاهه لاءِ ڏکيائيون وڌڻ لڳيون، سندس خلاف هڪ سماجي تنظيم درخواست داخل  ڪرائي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عامر لياقت جون اڻ وڻندڙ وڊيو وائرل ڪرڻ تي ايف آءِ اي دانيا شاهه خلاف ڪارروائي ڪري. درخواست ۾ چيو ويو ته معمولي تڪرار تي دانيا شاهه عامر لياقت جون وڊيو وائرل ڪيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.