ڀارت ۾ ”اگني پنٿ“اسڪيم خلاف پرتشدد مظاهرا، ريل گاڏين کي باهيون

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي فوج ۾ ڀرتين جي نئين نظام اگني پنٿ خلاف ڀارتي عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي، مختلف شهرن ۾ ڪالهه 4 ڏينهن به ملڪيتن کي ساڙڻ سميت ڀڃ ڊاهه جا واقعا پيش آيا آهن، بهار رياست  ۾ هزارين ماڻهن مسوڙي ريلوي اسٽيشن ۾ گهڙي بوگين ۽ فورسز تي حملو ڪيو، ان دوران بوگين ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، پوليس موجب چڪرين ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 12 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، ان دوران انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي، هوڏانهن تلنگانا، اولهه بنگال، اتر پرديش، هريانه ۽ مڌيا پرديش ۾ به ريل گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ بس اڏن تي حملا ڪري گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، چڪرين ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پر تشدد واقعن سبب 350 کان وڌيڪ ريل گاڏين جي آمدرفت بند ڪئي وئي، ٻي طرف اتر پرديش ۾ پوليس 250 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، نوجوانن جو چوڻ آهي ته هي منصوبو فوج ۾ مستقل نوڪرين جي موقعن کي محدود ڪري ڇڏيندو، جنهن کي رد ڪريون ٿا، رٽائرڊ فوجي عهديدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت پئسا بچائڻ لاءِ اهو منصوبو آندو آهي پر ان سان ڀارت جي حفاظت کي ختم ڪرڻ جو خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.