”اپوزيشن کي ڪرپشن ڪيسن، جيلن جو ڊپ“عمران خان کي هٽائڻ جو ٻيو سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد(م ڊ) جيو نيوز جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته عمران خان حڪومت کي ڪيرائڻ جو هڪ ٻيو سبب به سامهون اچي ويو آهي،  ن ليگ کي ڪرپشن ڪيسن، جيل ۽ نااهلي جو خدشو هو، پهرين ن ليگ بي  اعتمادي رٿ کي مهانگائي ۽ بدانتظامي جو جواز ڏيندي هئي،وفاقي وزير خرم دستگيرهڪ پروگرانم ۾  چيو هو ته اسان کي خدشو هو ته سال جي آخر ۾ شهبازشريف نااهل ٿي ويندو، عمران خان سال جي آخر ۾ اسان جي قيادت کي گرفتار ڪري ها، ن ليگ جي نائب صدر مريم نوازهڪ جلسي ۾  چيو ته اسان حڪومت ۾ آياسين ته عمران خان ايندڙ اليڪشن تي به ڌاڙو هڻڻ وارو هو، اسان هن جي 12 سالن جي پلان کي سيل ڪري ڇڏيو،رپورٽ موجب  ن ليگ کي خوف هو ته ن ليگ جي اڳواڻن کي جيل ٿيندي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهبازشريف ۽ حمزا شريف کي سزا ملندي، عمران خان اپوزيشن کي سائيڊ لائن ڪري ڇڏيندو، سينئر ليگي اڳواڻن جي دعويٰ هئي ته سوا سال لاءِ ئي سهي پر اقتدار ۾ اچڻ جو اهو موقعو هٿان نه وڃائڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته هڪ پوسٽنگ جي ڪري عمران خان ملڪ ۾ غيرمعمولي حالتون پيدا ڪيون، هن اسٽيبلشمينٽ کي ورهايو، رڳو خرم دستگير جي ڳالهه نه پر ٻيا سبب به هئا جنهن جي ڪري عمران خان جو وڃڻ ضروري هو، هن چيو ته پي ٽي اءِ ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو، اسان وٽ باقاعده معلومات هئي ته عمران خان جا پلان ڪهڙا هئا،هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار هو ان ئي اپوزيشن کي قانونسازي لاءِ ويهاريو، عمران خان جا ئي ماڻهو اسان کي معلومات ڏيندا هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.