پاڻي کوٽ خلاف احتجاج تي تشدد ۾ ايم پي اي ملوث آهي: لياقت جتوئي

راڌڻ ( ن ع آ)  اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ  اڳواڻ لياقت علي جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر پاڻي کوٽ خلاف احتجاج تي لاٺي  چارج ۽ فائرنگ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته اسان ڪولاچي جي مظلوم رهواسين سان گڏ آھيون ھنن چيو ته ماڻھو  رڳو ھمٿ ڪري پنھنجا حق ڇني وٺن ۽ ههڙن قهارين کي سڃاڻي وٺو ۽ کين هرگز ووٽ نه ڏيو . پاڻي نه هجڻ سبب ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاه جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي ۽ جڏهن هتان جي   ساڃاهه وندن احتجاج شروع ڪيو ته پهريان پوليس تاڏر ڏيکارڻ لاء لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪئي جيڪا پوليس جي داداگيري آهي ۽ اهو عمل وقت جي ايم پي اي طرفان ڪرايو ويندو ڇوته پاڻي جو وزير انهن جو مرشد خورشيد شاه آھي پر ڪولاچي جي چند ماڻھن مڙسي ڪري هڪ تاريخ رقم ڪري ورتي آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.